رڪ ريلوي اسٽيشن

رڪ ريلوي اسٽيشن

رڪ1 (شهر)

رڪ1 (شهر): رڪ جو تاريخي شهر، ضلعي شڪارپور ۾ لکي غلام شاهه کان پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هي شهر زميندار سوني خان رڪ ٻڌرايو هو. رڪ جي اتر ۾ سکر بئراج وهي ٿو، جنهن مان انگريز سرڪار ٻه ڪئنال: رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال کوٽرايا هئا، جن جي وچ تي هي شهر آباد آهي. رڪ شهر ۾ انگريز حڪومت 1898ع ڌاري ريلوي اسٽيشن ٺهرائي. هتي رهندڙ ذاتين ۾ رُڪ، مهر، ميمڻ، نوناري، سومرا، دايا، راڄڙ، شيخ ۽ منگي شامل آهن. رڪ شهر 800 جي لڳ ڀڳ گهرن تي مشتمل آهي، جنهن جي آدمشماري 12 هزار کان وڌيڪ آهي. ڳوٺ ۾ ڇهه مسجدون ۽ 2 پوليس چوڪيون پڻ آهن. ان کان سواءِ هتي جيڪي سرڪاري ادارا آهن، تن ۾ يونين ڪائونسل آفيس، پوسٽ آفيس، سرڪاري اسپتال، ٽيليفون ايڪسچينج، گورنمينٽ مڊل ماڊل گرلس اسڪول رُڪ، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رُڪ. هتان مشهور واهه پڻ وهن ٿا، جن ۾ دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال، وارهه بئراج، مسيفي خان مائنر ۽ کير ٿر ڪئنال شامل آهن. هتان جو رُڪ ريگيوليٽر پڻ مشهور آهي، جتي وڏي رونق نظر ايندي آهي. هتي ايريگيشن ريسٽ هائوس پڻ آهي.
يو. سي رُڪ ۾: رُڪ، پير بدر، علي محمد چانگ، ملٽري فارم، نئون ڳوٺ، سهڪجي، ٺينڊا، جهلي ڪلواڙي، شاهه قلي پور، هاليپوٽا، گل محمد هوٿي، واهڻ هوٿي، فريد شيخ جي وانڍ، ڌڻي ڏني جي وانڍ، رهاڻ خان جمالي، عالم شر، حيسب خروس، بنگل جتوئيءَ جو ڳوٺ، پير ڏنو جتوئي، حبيب ڪوٽ، ٽينڊا، ڪرم شر جو ڳوٺ ۽ وينگس جتوئي شامل آهن.
رڪ ريلوي اسٽيشن: رڪ شهر جي تاريخي ريلوي اسٽيشن جو بنياد 1898ع ۾ پيو. هن ريلوي اسٽيشن تي امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت جو واقعو پيش اچڻ ڪري ’رڪ‘ کي تاريخي اهميت حاصل آهي. هن اسٽيشن تي ڀڳت ڪنوررام کي جانو جلباڻيءَ نالي شخص 1 نومبر 1939ع تي شهيد ڪيو هو، جيڪو ان دور جو هڪ المياتي واقعو هو. هن اسٽيشن تي نيرن اکرن ۾ انگريزي الفابيٽ ۾ساڄي پاسي کان ‘K.S.R’ (ڪلات اسٽيشن رُڪ) مخخف طور لکيل آهي ۽ ٻئي کاٻي پاسي کان
‘I.V.S.R’ (انڊس ويلي اسٽيشن رُڪ) مخفف طور لکيل آهي. رُڪ اسٽيشن تي سنڌي فلم ’اباڻا‘ به فلمائي وئي هئي. رُڪ اسٽيشن جنڪشن به رهي آهي، جيڪا هڪ صديءَ جي تاريخ رکي ٿي. هيءَ اسٽيشن ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڻج واپار جو وڏو مرڪز رهي آهي. 1942ع ۾ سنڌو درياهه جي ٻوڏ اچڻ ڪري، رُڪ اسٽيشن (جنڪشن) تباهه ٿي وئي، جنهنڪري ان جو اهو ساڳيو اؤج نه رهيو. هن اسٽيشن جي عمارت ۽ موجود نم جا شاهي وڻ اڄ به هن ماڳ جي تاريخي عظمت جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. هن اسٽيشن جي تاريخي ماڳ هئڻ سبب هتي ڪيتريون شخصيتون اچي چڪيون آهن. هن اسٽيشن تي ڪيترا دفعا ڀڳت ڪنوررام بابت يادگار پروگرام ڪرايا ويا آهن، جن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪري سوين ڏيئا ٻاري ڀڳت ڪنور رام کي خراج پيش پئي ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو